حال الله ڪلهوڙو اول

حال الله ڪلهوڙو (اول): ميان حال الله ڪلهوڙو، ميان دائود خان ڪلهوڙي جو پوٽو ۽ ميان اهيي جو پٽ هو، ڪلهوڙا دور جو هي بزرگ هي پنهنجي دور جو وڏو خطاط ۽ عربي توڙي فارسيءَ جو عالم هو. هن جو جنم 1640ع ۾ ٿيو. هن فقه تي ڪيترا ڪتاب تصنيف ۽ ڪتابت ڪيا پر انهن مان اڪثر ضايع ٿي ويا. فقط هڪ فارسي مخطوطي جا ڪجهه ورق خسته حالت ۾ مليا آهن، جن ۾ تصنيف جي نالو ۽ سن بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي، پر جيئن ته ميان حال الله ڪلهوڙو (اول) جو زمانو 1675ع کان 1725ع تائين چيو وڃي ٿو، ان ڪري اهو يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته هي مخطوطو 17 صدي عيسويءَ جي آخر يا ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروعات واري وقت جو آهي. ميان حال الله ڪلهوڙو اقتدار ۾ به رهيو. اهم عهدي تي فائز هو ۽ ميان حال الله (اول) ڪلهوڙي 1725ع ۾ وفات ڪئي. هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ ڀاوندا لاکا ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو